اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان مسلسل ??ال??ي برادري جو ڌيان خطي ۾ جمهوريتون ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي تخريبڪارين ۽ جعلي خابرو ادارن/ ٿينڪ ٽينڪس جي نيٽ ورڪ ذريعي انتهاپسندي جي سرپرستي ۽ مالي مدد طرف ڇڪرائيندو ??هيو آهي، تازو ئي پاڪستان حڪومت پنهنجي سرزمين تي ڀارت جي رياستي دهشتگردي جا دستاويزي ثبوت (ڊوزيئر) گڏيل قومن کي فراه?? ڪيا آهن. اها ڳالهه وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي.