اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا حق??قت آهي ان جي باوجود مخالف ڌر پارٽين پاران غير ذميداراڻا بيان ڏنا پيا وڃن، مخالف ڌر پارٽيون پنهنجي قومي ذميدارين کان پاڻ کي آجو سمجهن ٿيون، ڪورونا وبا جي ٻي لهر پوري دنيا ۾ تباهي پکيڙي رهي آ??ي، مخالف ڌر پارٽين کي عوام کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رکڻ طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي، ن??ي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته لڳي ٿو ته مخالف ڌر طئي ڪري ورتو آهي ته ڪنهن به طرح ملڪ کي نقصان پهچائڻو آهي، ڪورونا سان عوام جو ته نقصان ٿيندو ئي ان سان معيشت تي به اثر پوندو، هن چيو ته اها ئي ??خالف ڌر هئي جيڪو چوندي هئي ته مڪمل لاڪ ڊائون ڪريو ۽ اڄ اها ئي ??خالف ڌر چئي رهي آ??ي ته پابندي نه لڳايو، پشاور ۾ جيڪڏهن مخالف ڌر جو جلسو نه ٿيندو ته ڪهڙو نقصان ٿي ويندو.