اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص مددگار ملڪ امين اسلم چيو آهي ته سندس وزارت صوبن کي درخواست ڪئي آهي ته ٽين بلين ٽري سونامي تحت ٻوٽ?? جون نرسريون ٺاهڻ ۾ عورت?? جو حصو 10 سيڪڙو کان وڌايو وڃي. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ بلين ٽري منصوبي تحت عورتن کي باعزت روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جو تجربو ڪامياب رهيو آهي، هن چيو ته ان طرح ٻهراڙي جي علائق?? جون عورتون پنهنجي گه??ن جي ويجهو ٻوٽ?? جو نرسريون قائم ڪرڻ جي قابل ٿيون آهن.