اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وزيراعظم جي رليف پئڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي لاءِ اعلان ڪيل 50 ارب رپين جي من??وري سميت وڌيڪ 6 ضمني گرانٽس جي من??وري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڇهن ضمني گرانٽس جي من??وري ڏني وئي، وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تي عملدرآمد ڪندڙ ايجنسين جي لاءِ هلندڙ مالي سال جي لاءِ 84 ڪروڙ 20 لک رپيا، پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿ??رٽي جي لاءِ 90.459 ملين رپيا ۽ پنجاب رينجرز جي لاءِ 5 ملين رپين جي ضمني گرانٽس جي من??وري ڏني وئي، پنجاب رينجرز جي لاءِ 5 ملين رپين جي ضمني گرانٽس سان دفاع واري وزارت هيلي ڪاپٽر جي مرم?? لاءِ وڌيڪ پرزا خريد ڪندي.