اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سماجي مسئلن جي حل ۽ قومسازي ۾ ميڊيا جي ڪردار تي زور ڏيندي پاڪستانين کي عظيم قوم بڻائڻ جي عزم کي ??رجايو آهي. هن آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي اهتمام هيٺ 24 هين سا??ياني ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اي پي اين ايس ڊگهي عرصي کان صحافين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪ??ي ??هي آهي، هن وقت پرنٽ ميڊيا انڊسٽري کي چئلينجز درپيش آهن، حڪومت انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪ??ي ??هي آهي.