اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي قيادت جي جن??ي جنون ۽ زميني جارحاڻي قدمن سان امن ۽ سلا??تي لاءِ خطرا پيدا ٿيا ??هن، ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ امن، سلا??تي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انسانيت جي خلاف ڏوهن جي باري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۽ سلا??تي ڪائونسل جي قراردادن موجب مسئلي جي حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي ان جي جائز خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکنداسين. اها ڳالهه هن برطانوي پارليامينٽ جي آل پارٽيز پارلياماني ڪشمير گروپ (اي پي پي ڪي جي) جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.