اٽڪ – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ليفٽيننٽ عز??ر محمود ملڪ شهيد جي گهر ويو، پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ليفٽيننٽ عز??ر محمود ملڪ شهيد جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ليفٽيننٽ عز??ر محمود ملڪ شهيد کي ملڪ جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر پونئيرن سان ڳالهائيندي چيو ته عز??ر محمود ملڪ شهيد خوارجي دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهادت ماڻي، پ??ري قوم کي پنهنجي بهادر شهيدن تي فخر آهي، اهي بي مثال قربانيون قوم کي جلا بخشين ٿيون. هن چيو ته دهشتگردي جي پاڙ کان خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. صدر سوڳوارن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.