اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آذربائيجان کي ڪوپ – 29 ڪانفرنس جي ميزباني حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪوپ – 29 جي نتيجي ۾ اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ??يڻ جي لاءِ مالياتي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري آذربائيجان جي ماحولياتي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير مختار بابائيف ??ان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ??يڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ماحول دوست ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ، وڻڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ گرين هائوس گئسن جو ا??راج گهٽ ڪرڻو پوندو، گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي ??ان گليشيئرز متاثر ٿي رهيا آهن، گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي پاڻي جي کوٽ جو سبب به بڻجي رهيا آهن، ماحولياتي چئلينجز ??ي منهن ??يڻ، منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي تعاون گهربل آهي. صدر چيو ته پاڪستان لکين هيڪٽرز تي تمر جا ٻيلا لڳايا آهن، تمر ??ان پاڪستان کي ڪاربن ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ، ماحولياتي تحفظ ۾ مدد ملندي. هن ??يو ته پاڪستان آذربائيجان ??ان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان آذربائيجان ??ان گڏيل مفادجي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ رابطن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. آذربائيجان جي ماحوليات واري وزير مختار بابائيف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ سياحت ۽ ثقافت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آذربائيجان جي ماحوليات واري وزير نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 29 ڪانفرنس ۾ شرڪت جو دعوتنامو صدر کي پهچايو. صدر ڪوپ – 29 ڪانفرنس جي ڪامياب ميزباني جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ا??هار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آذربائيجان ماحولياتي لحاظ کان اسرندڙ ملڪن جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.