اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي ??ختلف علائقن ۾ ٿيندڙ لوڊشيڊنگ کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي ??دايت ڪندي چيو آهي ته عوام جي سهولت جو خيال رکندي شديد گرمي ۾ لوڊ مئنيجمينٽ جي صورتحال ۾ بهتري آندي وڃي، بجلي جي چوري ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي جي ??وڊ مئنيجمينٽ ۽ بجلي چوري جي خلاف قدمن تي اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، واپڊا چيئرمين، لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وزيراعظم ملڪ جي ??ختلف علائقن ۾ ٿيندڙ لوڊشيڊنگ کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۽ عوام جي سهولت جو خيال رکندي شديد گرمي ۾ لوڊ مئنيجمينٽ جي صورتحال ۾ بهتري آڻڻ جي ??دايت ڪئي. هن چيو ته بجلي جي چوري ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، بجلي چوري جي خلاف مشن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين ۽ بجلي چوري جو مڪمل خاتمو ڪنداسين، آئون ذاتي طور تي بجلي چوري جي روڪ??ام تي اڳڀرائي جو ماهوار جائزو وٺندس. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بجلي چوري ج?? خاتمي واري مهم ۾ ڀرپور مدد ڪن، قومي مفاد ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي اها گهرج آهي ته بجلي چوري جي خلاف سمورا حڪومتي ادارا پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان ادا ڪن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي جي اوور بلنگ قطعي طور تي نه ٿيڻ گهرجي، بجلي جي ??رڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ??جڪاري جو عمل تيز ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن، بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي سولرآئزيشن جي حوالي سان حڪمت عملي جلد کان جلد جوڙي وڃي. ان موقعي ي اجلاس کي بجلي جي ??وڊ مئنيجمينٽ ۽ بجلي چوري جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه جي ??ڏي وزير ۽ پاور واري وفاقي وزير جي ??چ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ خيبرپختونخواهه ۾ بجلي جي ??وڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان متفقه حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي، حڪمت عملي تحت خيبرپختونخواهه ۾ بجلي جي ??وڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي، رهتون نه ڏيندڙ بجلي جي بلن جي ??صولي ۽ لائين لاسز ۾ گهٽتائي آندي ويندي، بجلي جي ??وڊشيڊنگ اهڙن علائقن ۾ ڪئي پئي وڃي جتي بجلي جي چوري ۽ لائين لاسز وڌيڪ آهن ۽ بلن جي ريڪوري تمام گهٽ آهي، ڏکڻ – اتر ٽرانسميشن لائين جي اپ گريڊيشن سان بجلي جي ??هچ نظام ۾ بهتري ايندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بجلي جي چوري جي روڪ??ام جي ??اءِ صوبائي ۽ ڊويزن جي سطح تي ٽاسڪ فورسز قائم ڪيا پيا وڃن، ٽاسڪ فورسز جي ڪارڪردگي جي حوالي سان هفتيوار جائزو ورتو ويندو.