اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مزدو??ن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪست??ن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪندڙ پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پورهيت طبقي جي حالتن کي بهتر بڻائڻ ج?? لاءِ مناسب اجرت، ڪم جي لاءِ محفوظ ماحول، صحت جي سهولتن ۽ انهن جي ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ بابت قدمن جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو عالمي ڏينهن ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪندڙ پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ج?? لاءِ ملهايو پيو وڃي. هن سال مزدو??ن جي عالمي ڏينهن جو موضوع موسمياتي تبديلين دوران ڪم جي جڳهه تي سلامتي ۽ صحت کي يقيني بڻائڻ آهي، اسان مزدور جي وقار کي برقرار رکڻ ج?? عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ۽ انهن جي تاريخي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. سندس چوڻ هو ته هي ڏينهن مزدو??ن جي حقن، انهن جي سماجي تحفظ، منصفاڻي اجرت ۽ ڪم جي لاءِ محفوظ ماحول بابت ڪوششون ڪرڻ ج?? ياد ڏياري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مزدور ۽ پورهيت طبقي کي مهانگائي، زندگي جي ضرورتن جي وڌندڙ قيمتن، بيروزگاري ۽ موسمياتي تبديلي جي منف?? اث??ن جهڙا چئلينجز درپيش آهن، پورهيت طبقي جي حالتن کي بهتر بڻائڻ ج?? لاءِ مناسب اجرت، ڪم جي لاءِ محفوظ ماحول، صحت جي سهولتن ۽ مزدو??ن جي ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ ج?? لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته مزدو??ن جي استحصال جو خاتمو، سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪرڻ، حقن جي تحفظ جي لاءِ پاليسيون لاڳو ڪرڻ ۽ عملدرآمد ۾ رياست جو اهم ڪردار آهي. صدر چيو ته اڄ اسان دل جي گهراين سان ملڪ جي ترقي ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪندڙ پورهيتن جي خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا، خطرناڪ ماحول ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي ضروري تربيت ۽ حفاظتي سام??ن جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، اميد آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مزدو??ن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون، استحصالي طريقن جي خاتمي ۽ مزدو??ن جي لاءِ سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ پورهيت ۽ مزدور طبقي جي لاءِ اهڙو سازگار ماحول پيدا ڪريون جتي انهن جي قدر ۽ عزت ڪئي وڃي، آجر منصفاڻي اجرت، مزدو??ن جي سلامتي ۽ صحت جي لاءِ قدم کڻن.