اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف بج??ي جي پهچ نظام ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بهتري لاءِ ترجيحي بنيادن تي پلان جوڙي ايندڙ هفتي پيش ڪرڻ ۽ ان جي انتظامي معاملن ۾ بهتري جي لاءِ نجي شعبي جي ماهرن جي مدد وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بج??ي شعبي جي سڌارن سان گردشي قرض ۾ گهٽتائي آڻينداسين، بج??ي چورن ۽ ٻين عنصرن کي ملڪي خزاني کي قطعي طور تي وڌيڪ نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين، بج??ي ٽرانسميشن جي نظام جي بهتري جي وڏن منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو و??ي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بج??ي شعبي جي حوالي سان قدمن جي جائزي تي اعليٰ سطح جي اجلاس جو ٻيور دور ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وز??رن خواجه محمد آصف، محمد اسحاق ڊار، احد خان چيما، سيد محسن رضا نقوي، عطاءُ الله تارڙ، سردار اويس خان لغاري، ڊا??ٽر مصدق ملڪ، عبدالعليم خان، بج??ي واري اڳوڻي وز??ر محمد علي، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ جهانزيب خان، قومي اسيمبلي ميمبر بلال اظهر ڪياني، انجنيئر قمر السلام، راڻا احسان افضل، سلمان احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وز??راعظم چيو ته بج??ي جي پهچ نظام ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بهتري لاءِ ترجيحي بنيادن تي پلان جوڙي ايندڙ هفتي پيش ڪيو و??ي، ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري ۽ آئوٽ سورسنگ جي عمل کي تيز ڪيو و??ي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي انتظامي معاملن جي بهتري لاءِ نجي شعبي جي ماهرن جي مدد ورتي وڃي. هن چيو ته بج??ي جي پهچ ۽ ورڇ جي نظام جي لاءِ عالمي سطح تي لاڳو ماڊلز مان مدد ورتي وڃي، بج??ي شعبي جي سڌارن سان گردشي قرض ۾ گهٽتائي آڻينداسين، بج??ي چورن ۽ ٻين عنصرن کي ملڪي خزاني کي قطعي طور تي وڌيڪ نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. اجلاس کي بج??ي جي ٽرانسميشن جي نئ??ن منصوبن، اين ٽي ڊي سي جي نئ??ن سر تنظيم سازي ۽ بج??ي چوري جي روڪٿام لاءِ قدم ۽ سفارشون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي ڏکڻ کان بج??ي جي پهچ جي لاءِ مٽياري رحيم يار خان ٽرانسميشن لائين ۽ غازي بروٿا فيصل آباد لائين تعمير ڪئي ويندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بج??ي جي پهچ نظام جي سڌارن ۽ گردشي قرض گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اين ٽي ڊي سي جي نئ??ن سر تنظيم سازي جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. وز??راعظم سمورن سڌارن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.