اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ت?? پاڪستان دوست ملڪن سان واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرتگال ۽ ميانمار جي لاءِ ??اڪستان جي نامزد سفيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پرتگال جي لاءِ ??امزد پاڪستاني سفير ڊاڪٽر محمد خالد اعجاز سان ڳالهائيندي صدر چيو ت?? پاڪستان ۽ پرتگال جي ??چ ۾ واپار وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، پاڪستان معاشي ۽ واپاري سرگرمين جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آ??ي، غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي ڪاروبار دوست ماحول مان ڀرپور فائدو کڻن. صدر چيو ت?? پاڪستان ۽ پرتگال جي ??چ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻي پوندي، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ سياسي سطح تي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پرتگال جون ڪمپنيون انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان جي تربيت يافته انساني وسيلن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. صدر پرتگال جي لاءِ ??امزد پاڪستاني سفير جي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميانمار جي لاءِ ??امزد پاڪستاني سفير عمران حيدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پاڪستان ۽ ميانمار جي ??چ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي زور ڏيندي چيو ت?? پاڪستان ۽ ميانمار جي ??چ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري شعبي ۾ رابطا وڌائ??ا پوندا. هن چيو ت?? پاڪستان جو قديم ٻڌمت ورثو ٻنهي ملڪن کي سياحتي ۽ ثقافتي ميدانن ۾ وڌيڪ ويجهو آڻي سگهي ٿو. صدر ميانمار ۾ نامزد سفير جي ڪاميابي جي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.