اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ جا پنج سال مڪمل ٿيڻ تي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آه??، اسان ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪ??ل بيان موجب ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ جا پنج سال مڪمل ٿيڻ تي نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ کي پنج سال مڪمل ٿي ويا آهن، اسان پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن اڄ جي ڏينهن ڀارت جي دعوائن کي ڪ??ڙو ۽ غلط ثابت ڪندي پنهنجي آپريشنل ??رتري جو عملي مظاهرو ڪيو. ه?? چيو ته ڪنهن کي ڪ?? شڪ نه هجڻ گهرجي ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي جيڪو پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آه??، اسان ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏينداسين.