اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 2024ع جون عام چونڊون ڪامياب منعقد ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪستان جي ر??شن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چي?? ته ڪامياب چونڊون منعقد ٿيڻ تي پوري قوم جا ٿورا مڃان ٿو، آئون اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، نگران صوبائي حڪومتن، هٿياربند فوج?? سول آرمڊ فورسز، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، چونڊ عملي، ميڊيا ۽ انهن سمورن ادارن ۽ ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو جن آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. نگران وزيراعظم چي?? ته هي اهم موقعو نه رڳو اسان جي جمهوري عمل جي استحڪام ۽ مضبوطي پر پاڪستاني عوام جي ناقابل تسخير جذبي جو پڻ ثبوت آهي. هن چي?? ته پاڪستان جي عوام جي شرڪت ۽ جوش ان جمهوري عمل جو سنگ ب??ياد رهيو آهي، ووٽرن جو وڌيڪ ٽرن آئون اسان جي ملڪ جي مستقبل جي لاءِ عوامي عزم جو واضح اشارو آهي. هن چي?? ته ووٽ جي ذريعي راءِ جي حق جي اظهار سان اسان جي جمهوريت مضبوط ٿيندي ۽ ان جي لاءِ پاڪستاني عوام تحسين مستحق آهي. نگران وزيراعظم چي?? ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڪجهه واقعن جي باوجود سڄي ملڪ ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هٿياربند فوج?? سول آرمڊ فورسز، ايل اي اي?? سويلين ايڊمنسٽريشن ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پنهنجي فرضن سان انهن جي اڻٿڪ ??ابستگي چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي ر??ي آهي. نگران وزيراعظم چي?? ته پاڪستاني عوام مشڪلاتن کي منهن ڏيندي غيرمعمولي همٿ ۽ عزم جو مظاهرو ڪيو آهي، دهشتگردي جي تازون واقعن جي باوجود عوام جو جذبو ۽ چونڊ عمل ۾ انهن جي شرڪت اسان جي ملڪ کي عدم استحڪام ۾ آڻڻ جي لاءِ سرگرم قوتن جي خلاف هڪ طاقتور بيان آهي. هن چي?? ته هي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان جي گڏيل خواهش جي عڪاسي ڪري ٿو. نگران وزيراعظم چي?? ته هڪ ڀيرو ٻيهر آئون هن تاريخي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪستان جي ر??شن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين.