اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آه?? ته اسلام آباد ماسٽر پلان جي جائزي جي لاءِ وفاقي ڪميشن جي جوڙجڪ جلد کان جلد ڪئي وڃي، اسلام آبا?? جي شهرين کي پارڪن?? جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پارڪنگ پلازا تعمير ڪيا وڃن، لاڳاپيل عملدار شهر ۾ ٽريفڪ جي دٻاء?? ۾ ??هٽتائي جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙين، اسلام آباد ماسٽر پلان تي نظرثاني وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وفاقي وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ترقياتي اداري (سي ڊي اي) جي معاملن تي اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ بائيسيڪل لينز منصوبي ۽ اسلام آباد ماسٽر پلان جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته بائيسيڪل لينز جو منصوبو اسلام آبا?? جي لاءِ هڪ ماحول دوست منصوبو آهي جنهن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ماسٽر پلان تي نظرثاني وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ماسٽر پلان جي جائزي جي لاءِ وفاقي ڪميشن جي جوڙجڪ جلد کان جلد ڪئي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ نئين رهائشي منصوبن جي لاءِ عمودي تعميرات کي ترجيح ڏني وڃي. نگران وزيراعظم اجلاس ۾ لاڳاپيل عملدارن کي اسلام آباد ۾ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير جي لاءِ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسلام آباد ۾ پاڻي جي مسئل کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ پارڪن?? جي مسئلي جي حل لاءِ پارڪن?? جي لاءِ مخصوص عمارتون تعمير ڪيون وڃن. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شهر ۾ ٽريفڪ جي دٻاء?? ۾ ??هٽتائي جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بائيسيڪل لينز منصوبي ۾ 374 ڪلوميٽر لينز ۽ 150 پارڪنگ اسٽيشنز جي تعمير شا??ل آهي. اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.