اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مسيحي برادر?? کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين اقليتن جي حقن ج?? تحفظ جو ضامن آهي، قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبل?? کي خطاب ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته پاڪستان جي رياست ۾ اقليتن جي حقن کي مڪمل تحفظ حاصل هوندو. ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ مسيحي برادري سمي?? سمورين اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جو اهم ڪردار آهي، مسيحي برادري جي ڪرسمس جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته اسان سڀ پاڪستاني آهيون، پنهنجي ملڪ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ متحد آهيون.