ڊيره اس??اع??ل خان – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره اس??اع??ل خان ۾ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال جو دورو ڪيو ۽ گذريل ڏينهن جي بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زخمي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پاڪ فوج جي جوانن جي جذبي کي ساراهيندي نگران وزي??اع??م چيو ته اهڙي قوم جي فتح يقيني آهي جنهن جا اهڙا بهادر آفيسر ۽ فوجي جوان هجن جي??ي پنهنجي ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي رت جو ??ذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائين. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي لعنت جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ الله رب العزت جي مدد ۽ عوام جي طاقت سان دهشتگردي کي هر شڪل ۽ روپ ۾ شڪست ڏيندي. نگران وزي??اع??م چيو ته پاڪستاني هڪ بهادر ۽ مضب??ط قوم آهي ۽ اسان جي فوج دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي، خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي ۽ خيبرپختونخواهه جو ??گران وڏو وزير جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه پڻ نگران وزي??اع??م سان گڏ هئا.