اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ آزاداڻيُون چونڊون منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نگران حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين جي پيداوار آهي، اسان آئين ۽ قانون تي عملدرآمد جا پابند آهيون، ميڊيا جو ??ني??دي مقصد صحيح معلومات عوام تائ??ن پهچائڻ آهي. اها ڳالهه هن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ شفاف طرز حڪمراني ۽ جمهوري عمل ۾ اوپن ڊائيلاگ ۽ معلومات تائ??ن پهچ کي آسان بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ذميواراڻي ص??اف?? وقت جي ضرورت آهي، غيرجانبداراڻي ۽ ذميواراڻي ص??اف?? سان ئي معاشرا صحيح رخ وٺي سگهن ٿا. سينيٽ چيئرمين جمهوريت جي ??ني??دي قدمن کي برقرار رکڻ جي لاءِ متحرڪ ۽ غيرجانبدار ميڊيا منظرنامي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ميڊيا شهرين کي صحيح، وقت سر ۽ غيرجانبداراڻي معلومات فراهم ڪر?? انهن ??ني??دي قدرن جي م??اف?? طور ڪم ڪر?? ٿي.