اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي ??زي?? جليل عباس ج??لا??ي غزه جي الاهلي پاپسٽ اسپتال تي اسرائيلي حملي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها ڳالهه واضح آهي ته اسرائيل پاران غزه ۾ اسپتال تي ڪڌو حملو پنهنجي دفاع جو عمل نه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو حملو عالمي انساني قانونن جي خلاف ورزي اهي، جنهن ۾ معصوم بارن، عورتن، ڊاڪٽرن، طبي عملي ۽ پناهه وٺندڙ بي گهر شهرين کي نشانو بڻايو ويو آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته نگران پرڏيهي ??زي?? جليل عباس ج??لا??ي او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪم??ٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جي شهر جده ۾ آهي، جنهن جو مقصد غزه جي بحران ۽ اتان جي محصور شهرين جي انساني صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. هي اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. ان کان اڳ نگران پرڏيهي ??زي?? او آءِ سي جي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن جنهن ۾ مصر، ايران، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جا پرڏيهي ??زي?? شامل آهن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.