گڏيل قومون – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي برادري تي ??ور ڏنو آهي ا??ا ايس ڊي جيز سمٽ ۽ خاص طور تي ا??س ڊي جيز جي حوالي سان ڪيل سمورن واعدن تي عملدرآمد ڪري. ”ترقي جي لاءِ مالي مدد“ بابت اعليٰ سطحي مڪالمي دوران نگران وزيراعظم چيو ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ وڏي مالياتي فرق کي ڏسندي ا??هن کي پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ جي لاءِ نجي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته گڏيل قومن جي نظام کي اسرندڙ ملڪن ۾ پبلڪ پرائيويٽ سيڙپڪاري جي ا??ڪانن جي سببن کي حل ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سيڙپڪاري جا منصوبا، سرمائي جي وڌيڪ لاڳت، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ ايس ڊي جيز بابت بئنڪنگ منصوبا شامل آهن. هن اسرندڙ ملڪن کي ا??س ڊي جيز جا منصوبا حاصل ڪرڻ ۽ انهن تي عملدرآمد ۾ مدد جي لاءِ گڏيل قومن جي سمورين آفيسن ۽ ايجنسين جي استعمال تي پڻ ??ور ڏنو. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي به ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ نجي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم سمورين ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن کي پنهنجي قومي منصوبن کي تيزڪرڻ جي قابل بڻائ?? تي ??ور ڏنو.