گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ گل چاڙهيا. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت اچڻ تي نگران وزير??عظ?? کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو گورنر سيد ??هدي شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان نگران وزير??عظ?? کي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. نگران وزير??عظ?? اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ هن شاگردن جي ٺاهيل مختلف ماڊلز جو معائنو ڪيو. هن شاگردن جي پينٽنگز، تعليمي، سائنسي ۽ توانائي بابت ماڊلز ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻارن جي ماڊلز ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي صلاحيتن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙ استادن جي خدمتن کي ساراهيو. هن هڪ شاگردياڻي جي سائنسي ماڊل کي ساراهيندي ان کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزير??عظ?? شاگردياڻين کان موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت سوال ڪيا. نگران وزير??عظ?? چيو ته اسان جي ٻارن ۾ سائنس ج?? ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي.