لاهور -30 جولاءِ (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته حڪومت عوامي ڀلائي تي يقين رکي ٿي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي ڌرڻي سبب چين جي صدر جو پاڪستان جو دورو ملتوي ٿيو. گذريل حڪومت ۾ عوامي ڀلائي جي م??صوبن ۾ بنا ڪنهن سبب جي رڪاوٽ وڌي وئي، پرامن نموني عاشورو منعقد ٿيڻ تي پ??جاب سميت سڀني صوبائي حڪومتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ ڇهن مختلف ترقياتي م??صوبن جو افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کان پوءِ خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. انهن منصوبن ۾ ايل اين جي تي هلندڙ 1263 ميگاواٽ جو پنجاب ٿرمل پاور پلانٽ جهنگ، لاهور ميڊيڪل سٽي، نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام، پاپوليشن ويلفيئر پروگرام، ايس ايل-ٿري لاهور رنگ روڊ منصوبو ۽ شاهدره کان ڪالاشاه ڪاڪو ميٽرو بس توسيعي پروگرام شامل آهن. تقريب ۾ پنجاب جو گورنر، پنجاب جو نگران وڏو وزير، وفاقي وزير خرم دستگير خان، مملڪتي وزير مصدق ملڪ، آءِ جي پ??ليس پنجاب ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جن عوامي ڀلائي جي اهم منصوبن جو افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، انهن جي مڪمل ٿيڻ سان هزارين ماڻهو فائدو کڻندا. هن چيو ته لاهور ميڊيڪل سٽي م??صوبو 50 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندو، هي م??صوبو سڄي دنيا جي ڪنهن به ميڊيڪل سٽي جي برابر هوندو، منصوبي کي وفاق ۽ پنجاب حڪومت گڏجي مڪمل ڪنديون. لاهور رنگ روڊ ايس ايل ٿري م??صوبو مڪمل ٿيڻ سان عوام کي بهترين سفري سهولتون ملنديون. هن چيو ته شاهدره کان ڪالاشاهه ڪاڪو تي ساڍا 12 ڪلوميٽر ڊگهي م??ٽرو بس منصوبي سان عوام ۽ شاگرد فائدو کڻندا. اهو منصوبو 5 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو. گرين لائين ميٽرو جي توسيع تي 11 ارب 73 ڪروڙ رپين جي لاڳت ايندي، هن چيو ته حويلي بهادر شاه جهنگ ۾ بجلي جي 1263 ميگاواٽ جي م??صوبي جي شروعات 2017ع ۾ نواز شريف جي دور ۾ ڪئي وئي. ان منصوبي کي 2019ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو، پر پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ نواز شريف سان دشمني سبب ان منصوبي تي ڪم بند ڪري ڇ??يو، اهڙي طرح 74 ارب رپين جي ان منصوبي تي قوم جي وڌيڪ 77 ارب رپين جي لاڳت وڌي وئي. جيڪڏهن اها رقم ضايع نه ٿئي ها ته 50 ارب رپين سان لاهور ميڊيڪل سٽي م??صوبو مڪمل ٿي وڃي ها، پوءِ به قوم جا 27 ارب رپيا بچن ها. جيڪڏهن قوم جي ان ضايع ڪيل رقم جو حساب نه ورتو ويو ته پوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان ايندو، غربت وڌندي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي چئن سالن جي دور ۾ ڪو به ترقياتي م??صوبو شروع نه ڪ??و. ??ن ملڪي معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهچا??و. ??زيراعظم چيو ته 2014ع ۾ چيني صدر جي پاڪستان جي دوري جي م??قعي تي پ?? ٽي آءِ طرفان ڌرڻا هنيا ويا، نواز شريف جي حڪومت پي ٽي آءِ سان چيني صدر جي دوري کان پوءِ تائين احتجاج ملتوي ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پي ٽي آءِ ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن سبب چيني صدر جو دورو ملتوي ٿيو. بعد ۾ اپريل 2015ع ۾ چيني صدر پاڪستان آيو ۽ نواز شريف دور ۾ سي پ??ڪ جي م??صوبن تي صحيحي ٿي. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ اهڙا ڪيترائي م??صوبا بند ڪيا ويا جن جو ڪير پڇڻ وارو ئي ناهي. ڪنهن جي به دور ۾ ڪا زيادتي ٿئي ٿي ته ان جو حساب وٺڻ گهرجي، سياست کان مٿانهون ٿي احتساب ڪيو وڃي ??ه ملڪي ترقي لاءِ اهم هوندو. هن چيو ته جاپان ۽ جرمني ٻي عالمي جنگ ۾ مڪمل تباهه ٿي چڪا هئا، پر هنن پنهنجي محنت ۽ لگن سان ترقي ڪئي ۽ اڄ هو دنيا جي ترقي ياف??ه ملڪن ۾ شامل آهن. هن چيو ته اهو ئي سبب آهي ته اسان کان پوءِ آزاد ٿيل چين اڄ 2023ع ۾ دنيا جي ٻي وڏي معاشي قوت بڻجي چڪو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي، چيف سيڪريٽري پ??جاب ۽ آءِ جي پ??ليس پنجاب سميت سموري ٽيم کي محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ تي شاباش ڏني ۽ چيو ??ه محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ تي هو سنڌ، بلوچستان، ڪي پ?? ڪي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومتن ۽ سڪيورٽي ادارن کي به خراج تحسين پيش ڪري ٿو. ان کان اڳ پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان تقريب کي خطاب ۾ چيو ??ه موجوده حڪومت عوامي ڀلائي تي يقين رکي ٿي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ان جي اتحادين ملڪ کي ڊفالٽ کان بچا??و. ??زيراعظم محمد شهباز شريف جو محنتي ۽ ميرٽ تي آيل شاگردن تي هميشه فوڪس رهيو آهي، هن جو چوڻ هو ??ه ملڪ ۾ جيڪي نفرتون پکيڙيون ويون هيون انهن کي وساري وطن جي ترقي لاءِ عوامي ڀلائي جي م??صوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي. تازو ئي عرب نيوز ميڊيا پڻ موجوده پاڪستاني حڪومت جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي.