اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي جونيئر اسڪوائش چيمپيئن حمزه خان جهڙا باصلاحيت نوجوان اسان جي قوم جو فخر ۽ سرمايو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي جونيئر اسڪوائش چيمپئن حمزه خان سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ??اڻ?? ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ حمزه خان جو والد نياز الله خان ۽ ان جي والده کانسواءِ بين الصوبائي رابطن وارو وز??ر احسان الله مزاري، خصوصي معاون شزه فاطمه خواجه، بين الصوبائي رابطن وارو سيڪريٽري حنيف اورڪزئي ۽ سينيئر وائيس پريزيڊنٽ اسڪوائش فيڊريشن ايئر وائيس مارشل ڪاظم حماد به موجود هو. وز??راعظم محمد شهباز شريف حمزه خان کي حڪومت پاران حوصلا افزائي جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جو انعامي چيڪ به ڏنو. حمزه خان وز??راعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن جي تعاون کي پڻ ساراهيو. وز??راعظم حمزه خان جي والدين سان پشتو ۾ ڳالهه ٻولهه به ڪئ??. حمزه خان وز??راعظم کي حمزه جي حوصلا افزائي تي ٿورا مڃيا. وز??راعظم حمزه خان کي تازو ئي آسٽريليا ۾ عالمي جونيئر چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي ڪارڪر??گي کي ساراهيو. وز??راعظم چيو ته توهان جهڙا باصلاحيت نوجوان اسان جي قوم جو فخر ۽ قومي سرمايو آهن. پاڪستان کي ڏهاڪن کانپوءِ اسڪوائش جو ايترو وڏو ٽائيٽل کٽڻ تي مون سميت سڄي قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ٿيو. اسڪوائش هڪ بهترين راند آهي، ماضي ۾ به اسڪوائش کيڏندو رهيو آهيان، اميد آهي ته توهان جلد ئي پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ سان اسڪوائش جو سينيئر عالمي ٽائيٽل به کٽيندا. وز??راعظم چيو ته توهان پاڪستان جي ٻين نوجوانن ۽ رانديگرن جي لاءِ رول ماڊل آهيو، منهنجي سدائين اها خواهش رهي آهي ته نوجوانن کي راندين جي عالمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، تازو ئي اسان سڄي پاڪستان ۾ راندين کي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي لاءِ قومي اسپورٽس قدم جاري ڪيا. پاڪستان ۾ پهرين اسپورٽس ??ون??ورسٽي جو قيام ۽ هن ملڪ جي لکين باصلاحيت نوجوانن کي عالمي مقابلن جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ مالي ۽ فني سهولتون به ان پروگرام جو حصو آهن.