اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري ڊويزن جي منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 2 ارب رپيا رکيا ويا جن ۾ جاري اسڪيمن جي لاءِ هڪ ارب 54 ڪروڙ 53 لک 50 هزار رپيا ۽ نئين اسڪيمن جي لاءِ 45 ڪروڙ 46 لک 50 هزار رپين جي رقم شامل آهي. جاري ٿيندڙ پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب بجيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي جاري اڪسيمن اسٽيبلشمينٽ آف پاڪستان ا??فارميشن سينٽر (پي آئي سي) فيز ون جي لاءِ 3 ڪروڙ 50 لک رپيا، سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ (اسلام آباد) ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا پبلي ڪيشنز جي لاءِ 44 ڪروڙ 85 لک رپيا، قائداعظم محمد علي جناح جي 1906ع کان 1948ع ت??ئي?? تقرين جي ڇپائي جي منصوبي جي لاءِ 3 ڪروڙ 25 لک 30 هزار رپيا، پي آئي ڊي ميڊيا سيل ٽو سي وي اي پائليٽ پراجيڪٽ (اسلام آباد) پي آئي ڊي قائم ڪرڻ جي لاءِ 4 ڪروڙ رپيا، نيشنل انفارميشن ميڊيا آڪ??ئي?? ريپازٽري (اسلام آباد – لاهور سائبر ونگ) جي لاءِ 37 ڪروڙ 94 لک 12 هزار رپيا، خيرپور (سنڌ) ۾ ميڊيا ويو سروسز جي بحالي لاءِ 20 ڪروڙ 90 لک 69 هزار رپيا، سينٽرل بورڊ آف فلم سينسرز (اسلام آباد) جي اپ گريڊيشن جي لاءِ 4 ڪروڙ 81 لک 41 هزار رپيا، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ اسٽوڊيوز ۽ ماسٽر ڪنٽرول رومز جي اپ گريڊيشن جي لاءِ 15 ڪروڙ 49 لک 45 هزار رپيا ۽ پي ٽي وي اڪيڊمي ايڇ ن??ئي?? اسلام آباد ۾ نيشنل فلم پروڊڪشن ا??سٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي نئين اسڪيمن جي لاءِ پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع ۾ چين جي گرانٽ ان ا??ڊ جي ذريعي پي ٽي وي جي ڊي ٽي ايم بي جي ٽيرسٽيريل ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ 5 ڪروڙ 46 لک 50 هزار رپيا، ايڇ پي ٽي روات جي اپ گريڊيشن، 1000 ڪي وي – ڊي آر ايم هڻڻ جي لاءِ 40 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.