اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر او??لو ۾ ناروي جي ??ارليامي??ٽ جي پرڏيهي معاملن ۽ دفاع بابت ڪميٽي جي ??يمبرن سان ملاقات ڪئي جن جي سربراهي چيئرپرسن اين سورائيڊ ڪر?? رهي هئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل ڳڻتي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ عالمي امن کي لاحق خطرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير ناروي تي زور ڏنو ته هو عالمي تڪرارن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪر??. حنا رباني کر گذريل ڏينهن او??لو پهتي هئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير 5 کان 13 جون تائين يورپ جي 4 ملڪن ناروي، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ بيلجيئم جي سرڪاري دوري تي آهي.