اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) پي ڊي ايم ۽ جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان آئين ۽ قانون جي پاسداري تي يقين رکون ٿا، ڪنهن کي به پارليامينٽ ۽ عوام جي تذليل جي اجازت نه ڏني ويندي، وزيراعظم ۽ پارليامينٽ جو تحفظ ۽ عدليه جي وقار کي بحال ڪن??اس??ن، فيصلو پاڪستان جي عوام ڪندو، سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهندي پنهنجا فرض سرانجام ڏين، سياست صرف سياستدانن جو ڪم آهي،بدمعاشن جي جٿن کي سياست نه چيو وڃي. پي ڊي ايم جي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي هن چيو ته فيصلو پاڪستان جو عوام ڪندو، عدليه اسان لاءِ محترم آهي، اسان عدليه جي وقار کي بحال ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسلام عدل ۽ انصاف جو هڪ معيار مقرر ڪيو آهي، انصاف جو بنياد برابري تي آهي، منصف لاءِ جائز ناهي ته هو ڪنهن جي طرفداري ڪري، هن چيو ته خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي حڪومت کي نه ٽوڙيو وڃي ها ته ملڪ ۾ بحران نه پيدا ٿئي ها، هن چيو ته ڪنهن کي پارليامينٽ ۽ عوام جي تذليل جي اجازت نه ڏني ويندي، جيڪو اسان جي تذليل ڪندو ان کي تسليم نه ڪن??اس??ن، سمورا ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهندي پنهنجا فرض سرانجام ڏين، سياست صرف سياستدانن جو ڪم آهي، بدمعاشن جي جٿن کي سياست نه چيو وڃي. هن چيو ته اسان جي سامهون واقع عدليه جي عمارت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ رينجرز ۽ پوليس مقرر آهي، مان کين چوان ٿو ته بيشڪ هو هٽي وڃن اسان هن عمارت جي حفاظت ڪن??اس??ن ۽ هن جي عزت ۽ وقار کي ڪنهن کي ميري اک سان ڏسڻ نه ڏين??اس??ن، هن چيو ته اسان به اختلاف ڪيا، 2018ع جي چونڊن ۾ کليل ڌانڌلي ٿي، جنهن خلاف اسان ميدان ۾ نڪتاسين ۽ ڪنهن جي ناراضگي جي پرواهه نه ڪئي، اسان جڏهن ڌانڌلي خلاف انهي عمارت آڏو ڌرڻو ڏنو هو ته ڪنهن سو موٽو نه ورتو، اسان ڪيترائي ملين مارچ ڪيا پر ڪنهن نوٽيس نه ورتو، 15 لک ماڻهن جو اجتماع ڪيو پر ڪنهن جي ڪنن تي جون نه چري، هن چيو ته ننڍي کنڊ جي 300 سالن جي تاريخ ۾ غلامي ??ون زنجيرون اسان ٽوڙيون آهن ۽ اسان اڄ به زنجيرون ٽوڙڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم جي نااهلي جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ناجائز هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان وزيراعظم ۽ پارليامينٽ جو تحفظ ڪن??اس??ن. هن چيو ته لاڏلي کي عدالت ۾ احترام ڏنو ويو ڇا اهو جائز هو؟ ڪنهن جوابدار جو ريما??ڊ ڏيڻ کانپوءِ ان جي ضمانت جو ڪو مثال موجود ناهي. هن چيو ته آرمي چيف پنهنجي سينارٽي تي مقرر ڪيو ويو آهي، پاڪستان کي متحد رکڻ جي آخري طاقت فوج آهي، عمران خان فوج ۾ ورهاست جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هئاسين ۽ بيهن??اس??ن، مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪور ڪمانڊر هائوس، جي ايڇ ڪيو، قلعه بالاحصار، ميانوالي ايئر بيس، شهيدن جي يادگارن جي حملا ڪندڙن کي تحفظ نه ڏنو وڃي. هن چيو ته نبي ڪريم صلعم فرمايو هو ته جيڪڏهن پاڻ سڳورن جي ڌيءَ به چوري ڪندي ته اها سزا جي حقدار هوندي، اسلام عدل ۽ انصاف جو اعليٰ معيار مقرر ڪيو آهي. هن چيو ته جنهن دستور جي بنياد تي عدالتون فيصلا ڏين ٿيون اهي دستور اسان بڻايا آهن، جنهن قانون جي بنياد تي عدالتون فيصلا ڏين ٿيون اهي قانون اسان ٺاهيا آهن ته ڇا اسان قانون نٿا ڄاڻون، پاڪستان ۾ يهودي لابي نه هلندي، اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي سازش نه هلندي، آئين جي اسلامي ??يثيت جو تحفظ ڪيو ويندو. هن چيو ته عمران خان ڪشمير کي هندستان ۾ ضم ڪرڻ لاءِ مودي جو سهولتڪار بڻيو. هن چيو ته اسان اصولن جي سياست ڪريون ٿا، اسان سڀني جي آڏو حق جي ڳالهه ڪن??اس??ن ۽ آمريڪا، يورپي يونين ۽ ڀارت آڏو به حق جو علم بلند ڪن??اس??ن. ڀارت ۾ خوشي جي لهر آهي ۽ عمران خان کي پنهنجو ڀاءُ قرار ڏنو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته ايترو نقصان پاڪستان کي ڀارت به نه پهچائي سگهيو، اڄ ڀارت ۾ پاڪستان جا دشمن خوش آهن ۽ چئي رهيا آهن ته عمران خان پاڪستان جو ستياناس ڪري رهيو آهي، هن فوج کي نشاني تي رکيو آهي. هن چيو ته اسان جي باري ۾ خيال ڪيو پيو وڃي ته اسان هتان هليا وين??اس??ن ته ٻيهر ڪيس ٻڌو ويندو پر مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان ٻيهر اين??اس??ن ۽ شاهراهه دستور تي پنهنجا جهنڊا ڦڙڪائين??اس??ن ۽ پوءِ عوام جي عدالت لڳائين??اس??ن. مولانا فضل الرحمان چيو ته هو پي ڊي ايم ۾ شامل سمورن اڳواڻن شاهه زين بگٽي، خالد مگسي ۽ خالد مقبول سميت سڀني کي ڀليڪار چوي ٿو ۽ ڪارڪنن جو شڪريو ادا ڪري ٿو ته مختصر وقت ۾ ڀرپور ??ذب?? سان هتي پهتا آهن ۽ اسان جي آواز تي لبيڪ چيو آهي. هن ڪارڪنن تي زور ڀريو ته هو پرامن رهن ۽ ٻين کي به پرامن رهڻ جي هدايت ڪن. مولانا فضل الرحمان ڪارڪنن کي چيو ته هو حوصلو رکن، پنهنجي ايمان ۽ ??ذب?? جي حفاظت ڪن، اسان جو ملڪ ۽ دين محفوظ آهي جيستائين اسان زنده آهيون اسلام دشمن ۽ يهودين جا خواب شرمنده تعبير ٿيڻ نه ڏين??اس??ن، پاڪستان کي اسلام جو قلعو بڻائين??اس??ن.