اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان ??هچايو، اهو عوامي ردعمل نه هو، منص??با??ندي تحت ڪيو ويو، جيڪو قانون هٿ ۾ کڻندو نه اهو پاڪستاني آهي ۽ نه ئي پاڪستان جو شهري آهي، عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان ??هچائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته نيب القادر ٽرسٽ ڪيس جي جاچ ڪري رهيو هو، عمران خان کي ان ڪيس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 نوٽيسز موڪليا ويا، هو ان ڪيس ۾ پيش نه ٿي رهيو هو. هن کي ان ڪيس ۾ جواب داخل ڪرڻو هو، عمران خان ??يب کي گهربل هو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجي ڪارڪنن کي جلاءُ گهيراءُ جو ترغيب ڏيندا رهيا، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جيڪو ڪيو اهو سڄي ملڪ ڏٺو، ڇا اهو عوامي ردعمل هو؟ اهو منص??با??ندي تحت ڪيو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو اڄ چون ٿا ته ڪالهه جيڪو ٿيو اهو اسان ??اهي ڪيو، انهن ڪالهه ڇو نه چيو هو ته اهي اسان جا ماڻهو نه آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو ڪالهه عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان ??هچائي رهيا هئا، ان جي ليڊرن انهن کي ڇو نه روڪيو، سياسي پارٽي اهڙو ردعمل ناهي ڏيندي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو به گرفتار ٿيا هئا، نواز شريف، مريم نواز، شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، سعد رفيق سميت ڪيترائي اڳواڻ به گرفتار ٿيا هئا، شهباز شريف کي صاف پاڻي ڪيس ۾ گهرايو ويو هو ۽ آشيانا ۾ گرفتار ڪيو ويو، اسان ڪڏهن به اهڙو ردعمل نه ڏنو جيڪو پي ٽي آءِ عمران خان جي گرفتاري تي ڏنو آهي. هن چيو ته ان کان اڳ جڏهن زمان ??ارڪ ۾ پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ وئي هئي ته پوليس وارن تي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جيڪو ڪري رهي آهي، اهو ملڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڏسي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ ان جو باقاعده ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو، ٻيون ايس او پيز به مڪمل ڪيون ويون. هن چيو ته جيڪو قانون هٿ ۾ کڻندو اهو نه پاڪستاني آهي ۽ نه ئي پاڪستان جو شهري آهي. گذريل ڏينهن سرڪاري عمارتن ۽ گهرن تي حملا ڪيا ويا، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان ??هچائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان ڳالهه کي برداشت نه ڪيو ويندو.