اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??ظر??ه پاڪستان عمران ني??زي جي ناپاڪ ۽ خودغرضي تي ٻڌل ارادن کان ڪيترئي ڀيرا معتبر ۽ سگهارو آهي، انشاءَ الله عمران ني??زي کي ضرور ناڪامي جو منهن ڌسڻو ??ون??و. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي شرمناڪ، المناڪ ۽ افسوسناڪ واقعن کانپوءِ آئون انهن جي منفي اثرن ۽ نتيجن بابت سوچي رهيو آهيان. جيترو آئون ان ڪاري ڏينهن بابت سوچيان ٿو ايترو ئي منهنجي ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ته اسان پاڪستان جي ??ظر??ي جا پاڻ ئي دشمن بڻجي ويا آهيون. وزيراعظم چيو ته عوام کي ورهائڻ کانپوءِ عمران ني??زي رياستي ادارن جي توهين جي ڪ??شش ۾ لڳي ويو جڏهن ان جي حڪومت حاصل ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون ته هو پنهنجي نفرت انگيز بيانيي ۽ شرپسندن جي جٿن سان پاڪستان جي رياست تي حملي آور ٿي ويو. ان کي شايد ان ڳالهه جو اندازو نه هو ته ??ظر??ه پاڪستان ان جي ناپاڪ ۽ خودغرضي سان ڀرپور ارادن کان ڪيترائي ڀيرا متعبر ۽ سگهارو آهي. انشاءَ الله عمران ني??زي کي ضرور ناڪامي جو منهن ڏسڻو ??ون??و.