اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته پورهيتن جي حقن کي پورو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي نظام ۾ حصيدار بڻائڻ عالمي معيشت جي لاءِ هڪ بنيادي چئلينج آهي. پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيرا??ظم چيو ته اڄ جتي اسان پورهيت طبقي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ انهن جي حصيداري جو جشن ملهايون ٿا ته اتي حقيقت اها آهي ته عالمي منڊين ۾ لاهن چارهن پورهيتن جي معاشي مشڪلاتن ۾ ت??ام گهڻو اضافو ڪيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري پورهيت ماڻهو پاڻ کي شديد دٻاءُ ۾ محسوس ڪن ٿا. هن چيو ته ترقي جي هي عمارت جيڪا محنت جي بنياد تي بيهاري آهي جيڪڏهن ان جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪند??ن کي ان جي ثمرن کان محروم رکيو وڃي ته اها ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويندي. وزيرا??ظم چيو ته پورهيتن جي حقن کي پورو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي نظام ۾ حصيدار بڻائڻ عالمي معيشت جي لاءِ هڪ بنيادي چئلينج آهي.