اسلام آباد – 03 – اپ??يل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي پارٽين جي اجلاس ۾ ع??التي بائيڪاٽ نه پر ڪارروائي تي بي اعتمادي جي اظهار جو فيصلو ٿيو هو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قانون وارو وزير جنهن ميٽنگ جو حوالو ڏئي رهيو آهي اها سموري اتحادي پارٽين جي قائدين، اڳواڻن ?? قانوني ماهرن جي ميٽ??گ هئي، پي ايم ايل جي صدر جي حيثيت سان ان اجلاس جي صدارت مون ڪئي هئي. وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ٿيو هو ته موجوده بئنچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويندو، بائيڪاٽ جو لفظ ڪٿي استعمال نه ٿيو.