??سل??م آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هواوي جي عالمي آءِ سي ٽي جي مقابلي ۾ پهريون انعام ماڻيندڙ ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ ڀاڳچند ميگهواڙ کي مبارڪباد ڏني آهي.صدر هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڀاڳچند ميگهواڙ پاڪستاني نوجوانن جي لاءِ هڪ مثال آهي، هو منهنجي ان راءِ جي توثيق ڪري ٿو ته آءِ ٽي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي تيز ترين آسان ترين ۽ مختصر ترين رستو آهي. هن چيو ته ان ??ان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستاني نوجوانن کي جيڪڏهن موقعو ۽ رهنمائي ڏني وڃي ته هو ڪمال ڪري سگهن ٿا. صدر چيو ته اسان کي آءِ ٽي ?? پنهنجي نوجوانن جي فڪري ترقي تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضر??رت آهي. شاباش ڀاڳچند ميگهواڙ!