اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سائبر ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد عاصم قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان اضافي ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. اي پي پي جي هيڊ آفيس اچڻ تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، ڊائريڪٽرن ۽ اداري جي ملازمن سندس شاندار آجيان ڪئي. محمد عاصم (بي ايس 20) انفارميشن گروپ جي 26 هين ڪامن ٽريننگ پروگرا?? جو آفيسر آهي. 21 سالن تي ٻڌل سندس پيشيواراڻو ڪيريئر وسيع تجربو رکندڙ آهي. هن پري?? انفارميشن ڊپارٽمينٽ، سائبر ونگ، وزيراعظم هائوس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن، پاڪستان اليڪٽرانڪ م??ڊي?? ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هو ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان پڻ فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي.