اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بولان ۾ بل??چستان ڪانسٽيبلري جي وين تي خودڪش حملي جي سخت م??مت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ?? ڪڏهن به ??امياب نه ٿيندا، ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو جلد خاتمو آڻينداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر حملي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي.