اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تي موسمياتي تبديلين جي اثر، پاڻي، توانائي ۽ غذائي تحفظ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فصل جي وڌ کان وڌ پيداوار ۽ سوڪهڙي جي سٽ سهڻ جي سگهه رکندڙ فصلن جي قسم جي تحقيق جي سلسلي ۾ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي ??ي اي) سان وڌ کان وڌ تعاون جي ضرورت آهي، آءِ اي ??ي اي ??ي ڊائريڪٽر جنرل ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جو??ري ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزي??اع??م ڊائريڪٽر جنرل جي آجيان ڪندي آءِ اي ??ي اي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ صحت، ز??اع??، صنعت، جو??ري دوائن ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبن ۾ جاري تعاون کي ساراهيو. وزي??اع??م ايجنسي جي مختلف منصوبن ۽ پروگرامن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي ايجنسي جي ڪم ۾ مهارت ۽ فني معاونت کي وصول ڪرڻ ۽ فراهم ڪندڙ طور پنهنجي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م ڊائريڪٽر جنرل گروسي کي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن (پي اي ??ي سي) جي اهتمام هيٺ 19 ڪينسر اسپتالن جي اهم ڪردار بابت ??ري??نگ ڏني، جيڪي پاڪستان ۾ ڪينسر جي علاج ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ عام ماڻهو کي سستي علاج جي فراهمي يقيني بڻائي رهيون آهن. ڊائريڪٽر جنرل مختلف شعبن ۾ نيوڪليئر ايپليڪيشن ۾ پاڪستان جي مهارت جو اعتراف ڪندي چيو ته پاڪستان ايجنسي جي ڪم ۾ معاونت جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ ڪينسر جي علاج جي لاءِ ”اميد جو ڪرڻو“ جا قدم به شامل آهن. وزي??اع??م پاڪستان تي موسمياتي تبديلين جي اثرن، پاڻي، توانائي ۽ غذائي تحفظ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فصلن جي وڌيڪ پيداوار ۽ سوڪهڙي جي خلاف مزاحمت ڪندڙ فصلن جي قسم تي تحقيق جي سلسلي ۾ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي ??ي اي) سان وڌ کان وڌ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان انرجي مڪس ۾ جو??ري توانائي جو ڪردار سستي ۽ صاف توانائي جو آهي. آءِ اي ??ي اي ??ي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ جو??ري ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ته جيئن ماحولياتي مسئلن بابت سڀني چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي. هن پاڪستان ۾ زرعي تحقيقي ادارن بشمول اين آئي اي ??ي جيڪا آءِ اي ??ي اي ??ي تعاون ڪرڻ وارن مرڪزن مان هڪ آهي کي ساراهيو. واضح رهي ته آءِ اي ??ي اي ??و ڊائريڪٽر جنرل ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. هو پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران مختلف جو??ري سهولتن جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ ڪينسر جي علاج جي مرڪزن ۽ زرعي تحقيقي ادارن جو دورو ڪندو، جيڪي پائيدار ترقي جي لاءِ جو??ري ٽيڪنالاجي کان ڪم وٺي رهيا آهن، ان جي هن دوري سان ان جي پاڪستان پاران جو??ري تحفظ ۽ سلامتي جي بهترين معيارن جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو به ملندو.