اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪم جي جڳهه تي جنسي هراسمينٽ جي ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪم واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي ??حت??ب جي فيصلي جي خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي جوابدار جي درخواست رد ڪندي ان جو ڪيس ٻيهر ??حت??ب ڏانهن موڪلي ڇڏيو. صدر پنهنجي فصلي ۾ چيو ته نئ??ن وڪيل کان هڪ ڀيرو ٻيهر شڪايت ڪ??دڙ جي جرح ڪرائڻ جي درخواست جو ڪو بنياد نه آهي. صدر پاران هراسمينٽ جي خاتمي بابت ??حت??ب جي فيصلي جي توثيق کانپوءِ ڪيس هراسمينٽ جي خاتمي بابت ??حت??ب کي حتمي فيصلي جي لاءِ واپس موڪليو ويو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ج??ابدار پاران داخل اپيل شڪايت ڪ??دڙ جي تڪليف ۽ اذيت وڌائڻ جي هڪ ڪوشش آهي. هن چيو ته اڳ ۾ ئي معاملي تي جوابدار جي متفرق درخواستن جي ڪري ڪافي وقت لڳي چڪو آهي، قانوني چاره ج??ئي جو هڪ نئ??ن دور شروع ڪرڻ لاڳاپيل ايڪٽ جي روح جي خلاف آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ??ه شڪايت ڪ??دڙ 27 مئي 2019ع تي ??حت??ب آڏو جنسي هراسمينٽ جو ڪيس داخل ڪيو هو. جوابدار صدر کي ??حت??ب جي 23 سيپٽمبر 2021ع جي حڪم جي خلاف درخواست داخل ڪئي. جوابدار ??حت??ب آڏو معاملو التوا هيٺ هجڻ جي باوجود اپيل داخل ڪئي هئي.