اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻ??لهه ڪئي. پرڏيهي آفيس م??جب ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سن??س ايراني هم منصب امير عبداللهيان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم کي ورجايو.