اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي چيئرمين ۽ آغا خا?? فنڊ فار اڪنامڪ ڊيولپمينٽ جي ڊائري??ٽر سلطان علي الانه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف به موجود هو. وزيراعظم آغا خا?? کي پاڪستان ?? ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جي لاءِ فراخدلاڻي تعاون تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندس ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ ترقي جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان ?? حبيب بئنڪ لميٽِڊ ۽ آغا خا?? ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي ٻين ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پرنس رحيم آغا خا?? وزيراعظم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 10 ملين ڊالر عطيي جو اعلان ڪيو هو.