اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??وس??ياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا ۾ ??وس??ياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ان ڏس ۾ پنهنجي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي، عالمي حدت عالمگير مسئلو آهي جنهن ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پاڪستان هن وقت تاريخ جي بدترين ٻوڏ مان گذري رهيو آهي جتي ان جي انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان په??و آهي. بين الپارلياماني يونين ۽ قومي اسيمبلي جي حصيداري سان پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ ريجن جي پارليامينٽن جي ٽئين علائقائي سيمينار کي خطاب ڪندي شيري رحمان چيو ته ??وس??ياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ برساتون ٿيون، رڳو سنڌ ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ ستوڻ تي برساتون ٿيون، اها ئي صورتحال ملڪن جي باقي علائقن جي به آ??ي. ??وس??ياتي تبديلي واري وفاقي وزير چيو ته تازي ٻوڏ س??ن وڏي انگ ۾ فوتگيون ٿيون، لکين گهر ۽ بيٺل فصل تباهه ٿيا، 200 کان وڌيڪ پل ۽ سوين ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، ريلوي، انٽرنيٽ جو نظام متاثر ٿيو، پاڪستان ۾ گرمي جي ??وس?? ۾ شديد هيٽ ويوز کي پڻ منهن ڏيڻو پيو ج??هن ته برساتون به معمول کان وڌيڪ ٿي رهيون آهن، اهو سڀ ??وس??ياتي تبديلين جي ڪري آ??ي. ??ن چيو ته پاڪستان ڀرپاسي وڏا گليشيئرز موجود آهن ج??هن ته دنيا جو وڏو درياءَ ۽ نهري نظام به هتي موجود آهي، هن وقت پاڪستان ۾ ايندڙ بدترين ٻوڏ س??ن سنڌ جو وڏو علائقو متاثر ٿيو آهي، بين الپارلياماني يونين ۾ شامل ڪيترن ئي ملڪن کي به اهڙيون ??وس??ياتي تبديليون درپيش آهن. وفاقي وزير چيو ته عالمي سطح تي ??وس??ياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ان جي تصديق به ڪئي، جيڪي ملڪ دنيا ۾ ??وس??ياتي تبديلين جو وڏو سبب بڻيل آهن اهي ان جي خاتمي لاءِ پنهنجو واعدو پورو نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هزاريه ترقياتي هدف اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اميد جي ڪرن آهي.