اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? پاڪس??ان ۾ فرانس جي سفير نڪلوس گيلي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان فرانس سا?? ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پنهنجي پراڻي تعاون تي ٻڌ?? لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سڄي پاڪس??ان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ شديد تباهي ۽ سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪمن تي روشني وڌي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ٻوڏ متاثر ماڻهن سا?? يڪجهتي ۽ مدد تي فرانسيسي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ خيما، واٽر پمپ ۽ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ٽيم کڻي امدادي اڏام موڪلڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نقصانن جو پئمانو ۽ شدت ايتري وڏي آهي جو اڪيلو اسان جو ملڪ ان جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي ۽ ان ڏس ۾ عالمي برادري جي حمايت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان موسمياتي تبديلين ۾ نه هجڻ جي برابر ڪردار جي باوجود ان جو شڪار آهي ۽ تازي ٻوڏ ان جو هڪ وڏو سبب آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فوري ريسڪيو کانسواءِ فرانس بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ حڪومت جي ڪوششن ۾ حصو وجهي سگهي ٿو. ٻطرفي ڏس ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ فرانس سا?? پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته فرانسيسي سفير ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ سا?? گڏوگڏ آءِ ٽي، زراعت، پاڻي جي ان??ظا?? ۽ توانائي جهڙن نئين شعبن جي ڳولا ۾ پنهنجو ڪردار ڪندو. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان گڏيل فائديمند لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ فرانس سا?? مسلسل رابطي جو منتظر آهي.