لاهور – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان لکين شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي، پاڪستان جي شهيدن جي بي مثال ق??بانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هي ڏينهن ڌرتي جي انهن سمورن بهادر فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪر?? جو موقعو آهي، جن ملڪ جي سرحدن جو دفاع ۽ حفاظت ڪندي جانيون قربان ڪيون. وڏي وزير آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آزاد وطن جو حصول ق??ئداعظم جي ڏينهن ر??ت جي محنت ۽ علامه اقبال جي خواب جي تڪميل آهي، آزادي جي ڏهاڙي تي ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ ڪ??مي??ين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته آزادي جي نعمت جي تحفظ جي لاءِ معاشري ۾ گڏيل تعاون ۽ خيرسگالي کي فروغ ڏيڻو پوندو، اڄ اسان اهو وچن ورجايون ٿا ته اسان ثابت قدم رهنداسين ۽ قائداعظم جي ٻڌايل اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي مشعل کي پڪڙيندي هر چئلينج کي قبول ڪنداسين.