اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي وف??قي حڪومت برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي هڻي ڇڏي جڏهن ته اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز (پي ڊي ايم ايز) جي وچ ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪم کي موثر انداز سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وف??قي وزيرن، صلاحڪار، پارليامينٽ ميمبرن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سمورن صوبن جي چيف سيڪري??ري??، سينيئر حڪومتي ميمبرن، اين ڊي ايم اي چيئرمي ۽ ڊي جي موسميات کاتي شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي هدايت تي وف??قي حڪومت برسات ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي هڻي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي فوري طور تي 5 ارب رپيا اين ڊي ايم اي کي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ ب??الي هڪ قومي فرض آهي، اسان کي پنهنجي پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي عوام جي مدد ڪرڻي آهي. هن چيو ته اسان سياست بعد ۾ ڪنداسين، هينئر انهن ماڻهن جي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ جو وقت آهي جيڪي سخت مشڪل ۾ آهن، ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دورن دوران مون اتحاد ۽ قومي ٻڌي جي ڳالهه ڪئي ته جيئن اسان سڀ گڏجي ان تمام وڏي چئلينج کي منهن ڏئي سگهون. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز جي وچ ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪم کي موثر انداز سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. اها ڪميٽي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ واري وف??قي وزير احسن اقبال، مواصلات واري وف??قي وزير مولانا اسعد محمود، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وف??قي وزير مولانا عبدالواسع، پارلياماني معاملن واري وف??قي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ مواصلات واري وزارت جي سيڪريٽري تي ٻڌل هوندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي فوري طور تي پنهنجو اجلاس منعقد ڪري ۽ وف??قي ۽ صوبائي ادارن ۾ ڪوآرڊينيشن کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪري. هن چيو ته ملڪ ۾ موسمياتي تبديلي جي ڏس ۾، وچولي مدي کان ڊگ??ي مدي واري حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت آهي، صوبائي حڪومتون مستنند معلومات تي ٻڌل رپورٽون وف??قي حڪومت کي موڪلين ته جيئن ٻوڏ ۽ ٻرساتن سبب ٿيندڙ نقصانن جو جلد کان جلد ڪاٿو لڳائي سگهجي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن کي موسمياتي تبديلي جي ترجيحن موجب آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ ٻوڏ ۽ ب??ساتن جي نقصانن کان بچي سگهجي. وف??قي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽين ٻوڏ سٽيل علائقن جي دورن کانپوءِ اجلاس کي بريفنگ، ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان مسئلن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ جاري ريسڪيو ۽ ريليف آپريشنز بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.