اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير چوڌري عابد شير علي چ??و آهي ته مظلوم ڪشميري عوام خودمختيار?? جي حق کي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي آزاد?? جي جدوجهد ۾ اڪيلي نه آهي، سڄي پاڪستاني قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي، ڪشمير مسئل?? جي حل لاءِ انهن جي سياسي، سفارتي، اخلاقي، قانوني، انساني حمايت جاري رکي ويندي، جيستائين ڪشمير مسئلي جو مستقل ۽ پائيدار حل نه نڪرندو خطي ۾ امن ۽ اعتماد جي فضا قائم نه ٿي ٿي سگهي. هڪ ملاقات دوران هن چيو ته ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان جو هر ٻار احتجاج ڪري ??هي?? آهي ۽ عالمي دنيا کان مطالبو ڪري رهيا آهيون ته ڪشمير مسئل?? جي فوري حل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان ڪشمير استحص??ل ڏهاڙ?? جي موقعي تي مظلوم ڪشميري عوام سان قومي جذبي سان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي طاقتن جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڇڪرائينداسين. هن چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي آزادي تائين سک سان نه ويهندي. هن چيو ته ڀارت جي خلاف ڪشمير استحص??ل ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪشمير مسئل?? جي سنگيني کي عالمي سطح تي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۽ مظلوم ڪشميري عوام کي پيغام ڏيڻ آهي ته اها آزاد?? جي جدوجهد ۾ اڪيلي نه آهي پر پاڪستاني قوم ان سان گڏ آهي. هن چيو ته 5 گسٽ 2019ع جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي خلاف ٻار، بزرگ، جوان هر شهري پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي عالمي دنيا تي واضح ڪري ??هي?? آهي ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. اسان ڪشميرين جي ترجماني ڪندي انهن جو آواز هر پليٽ فارم تي اٿارينداسين. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ اسان پنهنجي شهه رڳ جي حفاظت جي لاءِ ڪنهن به قدم کان نه ڪيٻائينداسين.