اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بي جي پي اڳواڻن جي بيانن جي مذمت لاءِ ايوان ۾ بحث ڪرايو وڃي ۽ مذمبي قرارداد منظور ڪئي وڃي، ڪروڙين مسلمان ناموس رسالت ﷺ تي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهن ٿا. پارليامينٽ جي ??ڏيل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪند?? وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ بي جي پي اڳواڻن پنهنجي بيانن ۾ حضرت محمد ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪئي، ان معاملي کي سنجيده ورتو وڃي، هن چيو ته ايوان ۾ سومر ڏينهن ان معاملي تي بحث لاءِ هڪ ڪل??ڪ مختص ڪيو وڃي ??ڏهن ته سڄو ايوان ان گستاخانه بيانن جي خلاف قرارداد منظور ڪري، وزيراعظم چيو ته عالم اسلام جي ??روڙين مسلمان ناموس رسالت ﷺ تي پنهنجي جان ۽ مال سميت هر شيءَ قربان ڪري سگهن ٿا.