اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشور??س ڪارپوريشن آف پاڪستان کي فوتي پاليسي هولڊرز جي پونئيرن کي 7 لک جا انشور??س ڪليمز ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ت?? لائيف انشورنس پاليسي وٺڻ وقت بيماري جي موجودگي کي ثابت ڪرڻ انشور??س ڪمپني جي ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته انشورنس آرڊيننس 2000ع موجب انشورنس پاليسي حاصل ڪرڻ جي 2 سالن کانپوءِ پاليسي ت?? سول نه ٿو اٿاري سگهجي. فوتي اظهر حسين ۽ مظهر حسين ترتيبوار 6 لک ۽ 1 لک رپين جي لائيف انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون ۽ لاڏاڻي کانپوءِ انشور??س ڪمپني بيماريون ڳجهيون رکڻ جي بنياد تي پونئيرن کي رقم ج?? ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو، انشور??س ڪمپني انشورنس پاليسي وٺڻ وقت بيماري لڪائڻ جو الزام هڻي پونئيرن کي رقم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ل??ئيف انشورنس پاليسي وٺڻ وقت بيماري جي موجودگي ثابت ڪرڻ انشور??س ڪمپني جي ذميواري آهي، انشور??س ڪمپني بيماري جي موجودگي جي حوالي سان ناقابل ترديد ثبوت فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، پاليسي هولڊرز جي لاڏاڻي کانپوءِ انشور??س ڪمپني بيماريون ڳجهيون رکڻ جي بنياد تي پونئيرن کي رقم ج?? ادائيگي انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي پونئيرن انصاف جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب معقول جواز کانسواءِ ادائيگي نه ڪرڻ تي اسٽيٽ لائيف جي خلاف فيصلو ڏنو هو. وفاقي محتسب معاملو حل ڪرڻ، بنا دير جي رقم ادا ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن جي ا??در فيصلي ت?? عملدرآمد جو حڪم ڏنو هو جڏهن ته انشور??س ڪمپني ٻنهي فيصلن جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪري ڇڏي هئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڪمپني پاران فراهم ڪيل دستاويز پاليسي حاصل ڪرڻ کانپوءِ جي بيماري بابت آهن، قابل قبول نه آهي، ٻنهي ڪيسز ۾ فوتي پاليسي هولڊرز کي ڪمپني جي فيلڊ آفيسرن صحتمند قرار ڏنو هو. صدر چيو ته انشورنس آرڊيننس 2000ع موجب انشورنس پاليسي وٺڻ جي 2 سالن کانپوءِ پاليسي ت?? سوال نه ٿو اٿاري سگجي. هن انشور??س ڪمپني جي درخواست رد ڪندي چيو ته ادارو 30 ڏينهن جي ا??در حڪم جي تعميل ڪري.