اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان ن??شن?? پارٽي جي چيئرمين سردار ??ختر مينگل ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ خواجه سعد رفيق پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سردار ??ختر مينگل وزيراعظم جي بلوچستان جي ترقي کي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بلوچستان نه رڳو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي پر بلوچ افرادي قوت ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. هن چيو ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي بلوچستان جي ترقي لاءِ قدم کڻي بلوچ نو??وا??ن جي قومي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائيندي.