اسلام آباد – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت سان ملاقات لاءِ بهادر آباد ۾ واقع ايم ڪيو ايم پاڪستان جي هيڊ آفيس جو دورو ڪيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ج??ري بيان موجب ايم ڪيو ايم قيادت وزيراعظم محمد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.
هن عام طور تي سنڌ صوبي ۽ خاص طور تي ڪراچي جي ت??مير ۽ ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪي فور جهڙن اهم ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل تي زور ڏنو ۽ ڪراچي ۾ هڪ نئين يونيورسٽي جي قيام جو اعلان ڪيو،
هن س??ور?? اتحادي پارٽين جي عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي عزم کي سارا??يو. ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، سينئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، سيد امين الحق، ڊاڪٽر فروغ نسيم ۽ ڪنور نويد جميل کانسواءِ قومي اسيمبلي ميمبرن شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، مولانا اسعد محمود، احسن اقبال ۽ ٻين شرڪت ڪ??ي، ملاقات ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به شريڪ ٿيو.