ا??لا?? آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي ل??ءِ اوگرا پاران موڪليل سمري رد ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وز??رت پاران جاري پريس رل??ز موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته تيل جي قيمتن کي برقرار رکيو وڃي ۽ قيمت ۾ اضافي جو بار صارفين تي نه وڌو وڃي. اڄ آچر پهرين مئي کان پيٽروليم مصنوعات جون قيتمون 16 اپريل 2022ع جي سطح تي برقرار رهنديون ۽ پهرين مئي کان ب?? پيٽرول 149.86 روپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 144.15 روپيا ۽ گاسليٽ 125.56 جڏهن ته لائيٽ ڊيزل 118.31 روپين جي پراڻي قيمتن تي ئي وڪرو ڪيو ويندو.