اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خ??بر??ختونخوا ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ واضح ڪاميابي تي خ??بر??ختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ تحريڪ انصاف جي ٽيم کي ??بارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خ??بر??ختونخوا جي عوام بلدياتي چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ غير ملڪي آقائن جي آڏو وڪرو ٿيندڙ غدارن کي بري طرح رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اهي نتيجا انهن غدارن لاءِ اها اڳواٽ وارنگ آهي، جيڪو انهن جي تڪن ۾ انهن سان ٿيڻو آهي.