اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل ج??ويد چيو آهي ته مخالف ڌر سان بي اعتمادي جي ووٽنگ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان کانپوء?? اهي 2028ع تائين اٿي نه سگهندا، تحريڪ انصاف پريڊ ايوينيو ۾ تاريخ ??و سڀ کان وڏو جلسو ڪرڻ وڃي رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر سان بي اعتمادي رٿ جي ووٽنگ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان کانپوء?? اهي 2028ع تائين بيهي به نه سگهندا، انهن جي سين ۾ فل اسٽاپ اچي چڪو آ??ي، اهي فلاپ ٿي چڪا آهن، هن چيو ته اها فتح قوم جي فتح هوندي، قوم جڏهن جاڳندي آهي تڏهن فتح حاصل ٿيندي آ??ي، اها قوم جاڳي وئي آ??ي، هن چيو ته اسان مخالف ڌر سميت ڪنهن کي به برو ڀلو نه چونداسين، هنن چيو ته جيڪي اسان جي لاءِ ڪيو اسان انهن جا ٿورائتا آهيون، انهن جي لاءِ بهترين لفظ ۽ بهترين زبان استعمال ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته مخالف ڌر هڪ ٽريپ جي اندر اچي وئي آهي،اسان هڪ جلسو رکيو هو، هنن به هڪ جلسو رکي ڇڏيو آ??ي، مخالف ڌر اچي جلسا ڪري، ڪو به غير قانوني ڪم کان پاسو ڪري ٻي صورت ۾ قانون حرڪت ۾ ايندو.مخالف ڌر کي جلسو ڪرڻ گهرجي قوم جي سامهون واضح ٿي ويندو ته ڪير ڇا ڪري رهيو آ??ي، حڪومت جو پريڊ ايوينيو ۾ جلسو پاڪستان جي تاريخ ??و سڀ کان وڏو جلسو هوندو جنهن ۾ نوجوانن، بزرگن، عورتن جو وڏو تعداد شرڪت ڪندو.