اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، دفاع واري وز??ر پرويز خٽڪ ۽ بحري معاملن واري وز??ر سيد علي حيدر زيدي سان گڏ سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي اسميبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي، وز??راعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن آفتاب صديقي، سيف الرحمان، عطاءُ الله، اڪرم چيما، فهيم خان، اسلم خان، عالمگير خان، عب??الشڪور شاد، ڪيپٽن جميل، آفتاب جهانگير، صائمه نديم ۽ نصرت وحيد به موجود هئي. وز??راعظم جي خصوصي مدد??ار ملڪ محمد عامر ڊوگر به ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ وز??راعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ڪراچي ۾ جاري وفاقي حڪومت پاران ترقياتي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.